اديب عطا محمد ڀنڀرو

اديب عطا محمد ڀنڀرو

عطا محمد ڀنڀرو

عطا محمد ڀنڀرو: ناليوارو محقق، اديب ۽ مترجم عطا محمد ولد محمد بخش ڀنڀرو پهرين فيبروري 1936ع تي ڳوٺ بچل ڀنڀري، تعلقي سوڀيڍيري (ضلعي خيرپورميرس) ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ڳوٺ حمزي رڪڻائيءَ جي پرائمري اسڪول ۾ حاصل ڪيائين ۽ انگريزيءَ جا پهريان پنج درجا ان وقت جي اي.وي اسڪول هڱورجا ۾ پاس ڪيائين . جڏهن ته مئٽرڪ ٺري ميرواهه جي هاءِ اسڪول مان پاس ڪري پوءِ خيرپور ميرس جي ممتاز ڪاليج مان بي.اي جي ڊگري ورتائين. ايل.ايل.بيءَ جي تعليم لاءِ ايس.ايم لا ڪاليج ڪراچيءَ ۾ اچي پڙهيو. قانون جي ڊگري حاصل ڪري وڪالت جي شروعاتي مشق گمبٽ جي وڪيل هادي شيخ سان گڏ ڪيائين. جڏهن ته نامياري وڪيل ۽ مشهور شاعر شيخ اياز سان گڏ هن 1970ع ڌاري ڇهه مهينا ۽ 1980ع ڌاري پڻ ڇهه مهينا وڪالت جي پرئڪٽس ڪئي. عطا محمد ڀنڀري 1967ع ڌاري ”هوشو“ رسالو جاري ڪيو، جنهن بعد ڊي. پـي. آر لاڳـو ٿـي. ”هـوشـو“ رسـالـي جـو آخـري پـرچــو 1974ع ۾ شـايـع ٿـيـو ۽ انهــيءَ ئــي عـرصـي ۾ ڀـنـڀـري صـاحـب جــون ڪهـاڻـيــون ۽ لکڻيون ”هوشو“ سميت ٻين رسالن ۾ ڇپجنديون رهيون. 1980ع ڌاري هن ايراني ٻاراڻي ادب جو هڪ ڪتاب ترجمو ڪيو ۽ ائين انگريزي ۽ روسي ٻولين مان پڻ ٻاراڻي ادب جا بهترين ڪتاب ترجما ڪيائين. هن 1983ع ۽ 1986ع واري ايم.آر.ڊي تحريڪ جي شهيدن تي شاعري به تخليق ڪئي. 1989ع ڌاري عطا محمد ڀنڀرو حيدرآباد ۾ اچي رهيو ۽ ساڳئي سال هن ”هينري ڪزنس“ جو ڪتاب ”سنڌ جا قديم آثار“ نالي ترجمو ڪيو ۽ ائين هن ترجمي جي فن کي باقاعدي معمول بڻايو، هن وقت تائين هو هڪ سؤ کان وڌيڪ ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري چڪو آهي، جن مان ڪي مختلف ادارن وٽان ڇپيا ۽ ڪجهه اشاعت جا منتظر آهن. هن جاکوڙي شخص جا ترجمو ڪيل هيٺيان ڪتاب شايع ٿيا آهن: (1) ڀٽ جو شاهه، ايڇ. ٽي. سورلي (سنڌيڪا: 1992ع)، (2) سنڌو لکت ۽ ٻولي، ايس. آر. راءُ (سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو:1994ع)، (3) سنڌ جو مهراڻ، ايڇ. جي. راورٽي (سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو:1995ع)، (4) سنڌو لکت جون بين القوامي لکتن سان لاڳاپو، جي. آر هنٽر (سنڌي ٻوليءَ جو باختيار ادارو: 1995ع)، (5) سنڌ ۾ قديم کنڊرن جي کوٽائي، اين. جي. محمدار (سنڌي ادبي بورڊ: 1997ع)، (6) سنڌوءَ جو سفر، اليگزينڊر برنس (سنڌيڪا:1998ع)، (7) حڪمت عملي'>سنڌ ۾ انگريزن جي حڪمت عملي، ڊاڪٽر ايڊرين ڊيورٽي (سنڌيڪا: 1998ع)، (8) شينهن درياهه'>سنڌو شينهن درياهه، جيئن فيئرلي (سنڌيڪا: 1999ع)، (9) سنڌ بابت انگريزن جي حڪمت عملي، سي. ايل. ماڙيوالا (سنڌ تحقيقي بورڊ: 1999ع)، (10) حرگوريلا جنگ، ايڇ. ٽي. لئمبرڪ (نيو فيلڊس پبليڪيشن: 2000ع)، (11) سنڌ جي تاريخ مؤرخن جي زباني، ايڇ. ايم. اليٽ (نيشنل بڪ فائونڊيشن اسلام آباد:2000ع)، (12) سڪندر جي ڪاهه، ايرين (روشني: 2000ع)، (13) سنڌ جي فتح، ليفٽيننٽ آئوٽرام (سنڌيڪا: 2001ع)، (14) سنڌوءَ جو موهه، جنرل سرجارج ميڪمين (سنڌ تحقيقي بورڊ: 2002ع)، (15) تاريخ جا سبق، ول ڊيورانٽ (روشني:2002ع)، (16) سنڌ جا قديم آثار، هينري ڪزنس (سنڌي ادبي بورڊ:2004ع)، (17) ٺٽي جا اسلامي درسگاهه، ڊاڪٽر احمد حسن داني (سنڌي ادبي بورڊ:2004ع)، (18) ٺٽي جا ڪاتب، محمد عبدالغفور (سنڌي ادبي بورڊ:2004ع)، (19) سنڌ جيئن مون ڏني، ٽي. پوسٽنس (سنڌيڪا: 2005ع)، (20) سنڌوءَ ڪناري وساريل شهر، مائيڪل جينسن (سنڌيڪا: 2005ع)، (21) سنڌ ڏکويل ماٿري، رچرڊ برٽن (روشني پبليڪيشن: 2006ع)، (22) سنڌ هند جي قديم جاگرافي، ليگزينڊر ڪننگهام (سنڌي ادبي بورڊ:2007ع) وغيره. عطا محمد ڀنڀري 3 جون 2020ع تي وفات ڪئي.


لفظ عطا محمد ڀنڀروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1936.02.01  عيسوي

عطا محمد ڀنڀرو پهرين فيبروري 1936ع تي خيرپورميرس ۾ ڄائو


2020.06.03  عيسوي

عطا محمد ڀنڀري 3 جون 2020ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ديارام ساهني
شيخ عارف
شائق واڌو مل لالچند لعل
چاچڙ حاجي شاهنواز خان
ڀڳت هاسارام پنجواڻي
عاشر عظيم
بادشاهه
عبدالرحيم مگسي
اسد الله ڀٽو پروفيسر
ڀڳت چيلارام چاولا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون